آخوند احمد سانوڻي ھالائي

آخوند احمد سانوڻي ھالائي: آخوند احمد، ھالا پراڻا ڳوٺ جو ويٺل ھڪ بزرگ شخص ھو، جنھن پنھنجي سموري زندگي تعليم ۽ شعرگوئيءَ ۾ گذاري. ھو تاريخ جي ماده ڪڍڻ واري فن ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪلام چيائين. وڏو عابد، زاھد ۽ متقي ھو. آخوند صاحب 1317 ھ/1899ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو